تحفة الطاهرين

تحفة الطاهرين

تحفة الطاهرين

تحفة الطاهرين ( ڪتاب ):تاريخ تي مشتمل هن ڪتاب جو مصنف محمد اعظم ٺٽوي آهي ، جنهن هيءُ ڪتاب 1194هه/ 1780ع ۾ تصنيف ڪيو . هن ڪتاب کي آغا بدرالدين درانيءَ ايڊٽ ڪيو ، جيڪو 1956ع ۾ شايع ٿيو . دراصل هي انهن 168 بزرگن جو تذڪرو آهي ، جيڪي ٺٽي ۽ مڪليءَ ۾ مدفون آهن . ٺٽي جي بزرگن کي ، مصنف محلي وار تقسيم ڪيو آهي . هي ڪتاب تاريخي لحاظ کان نه پر البته تذڪري جي لحاظ کان ڪارآمد ڪتاب آهي . هن بياض جا هن وقت تائين چار نسخا معلوم ٿيا آهن . هڪ قلمي نسخو شيراني ڪليڪشن ، لاهور ، ۾ به آهي ، جنهن جي ڪتابت 1194هه/ 1780ع ۾ ٿي ۽ اهوئي سال ڪتاب جي تصنيف جو به آهي . ممڪن آهي ته اهو نسخو مصنف جو پنهنجو هجي . هن ڪتاب جو فارسيءَ مان سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڊاڪٽر عبدالرسول قادريءَ ڪيو آهي ، جيڪو سنڌي ادبي بورڊ طرفان سال 1990ع ۾ شايع ٿيو . 180 صفحن جي هن ڪتاب جي قيمت 40 رپيا رکي وئي هئي .


لفظ تحفة الطاهرينھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو